ڪابينا سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 35 سيڪڙو تائين ايڊهاڪ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جي خاص بجيٽ اجلاس ۾ سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن ۾ 35 سيڪڙو ايڊهاڪ واڌ جي منظوري ڏني وئي. وفاقي ڪابينا اجلاس ۾ ايندڙ مالي سال جي بجيٽ جي منظوري ڏني وئي ۽ سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن ۾ واڌ جو به حتمي فيصلو ڪيو ويو. ناڻي واري وزارت جي اختيارين ڪابينا کي بجيٽ لي آئوٽ تي بريفنگ ڏني، ذريعن جو چوڻ آهي ته ناڻي واري وزارت سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن ۾ 20 سيڪڙو ايڊهاڪ رليف جي تجويز پيش ڪئي، وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ناڻي واري وزارت جي تجويز تي بحث کانپوءِ سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن ۾ 35 سيڪڙو تائين ايڊهاڪ واڌ جي منظوري ڏني وئي. ذريعن موجب گريڊ هڪ کان 16 تائين سرڪاري ملازمن لاءِ پگهار ۾ 35 سيڪڙو ايڊهاڪ واڌ جي منظوري ڏني وئي آهي، جڏهن ته گريڊ 17 کان مٿي جي سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 30 سيڪڙو واڌ جي منظوري ڏني وئي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاقي ڪابينا گهٽ کان گهٽ پگهار 30 هزار رپيا مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي، جڏهن ته پينشنرز جي پينشن ۾ ساڍا 17 سيڪڙو واڌ جي منظوري ڏني وئي آهي.