”پاناما ڪيس ڪجهه ٻيو ئي معاملو هو، 436 ماڻهن مان رڳو هڪ خاندان خلاف ڪيس هلايو ويو“
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) سُپريم ڪورٽ جي جج جسٽس طارق مسعود پاناما بابت ڪيس ۾ رمارڪس ڏنا آهن ته پاناما ڪيس ڪجهه ٻيو ئي معاملو هو، 436 ماڻهن مان رڳو هڪ خاندان کي الڳ ڪري ڪيس هلايو ويو. سُپريم ڪورٽ ۾ پاناما اسڪينڊل ۾ شامل 436 ماڻهن خلاف جاچ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي جنهن ۾ جسٽس طارق مسعود رمارڪس ڏنا ته پاناما ڪيس ڪجهه ٻيو ئي معاملو هو، 436 ماڻهن مان رڳو هڪ خاندان کي ڌار ڪري ڪيس هلايوويو . جسٽس طارق مسعود چيو ته هو ان معاملي تي ڪجهه به ڳالهائڻ نٿو چاهي پر اهڙو ڇا ٿيو هو جو 24 ٻڌڻين بعد هڪ خاندان کانسواءِ ٻين سمورن ماڻهن جا ڪيس ڌار ڪيا ويا؟ . جسٽس امين الدين خان چيو ته دل چوندي آهي هتي ڪيئي ڳالهين بابت پڇاڳاڇا ڪجي پر ائين ڪري نٿا سهگون ان دوران جسٽس طارق مسعود جماعت اسلامي جي وڪيل کان سوال ڪيو ته ڇا اوهان جو مقصد رڳو هڪ خاندان خلاف ڪيس هلائڻ هو؟ . ايف بي آر، ايف آءِ اي، نيب ۽ اسٽيٽ بئنڪ موجود آهن، ڇا رياستي ادارن کي بند ڪري سمورا ڪم سپريم ڪورٽ کان ئي ڪرايون؟. ان تي جماعت اسلامي جي وڪيل راجا اشتياق چيو ته جاچ ادارن جو حال اهو آهي جو ٽي سال اڳ نوٽيس ٿيو ۽ اڃا هنيئر تائين جواب ناهي آيو، عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي هڪ مهيني تائين ملتوي ڪري ڇڏي