My WordPress Blog

وفاقي بجيٽ: ترقياتي منصوبن لاءِ تاريخي رقم مختص، گهٽ ۾ گهٽ اجرت 32 هزار مقرر ڪرڻ جي تجويز

0

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نئين مالي سال جي 14 هزار 460 ارب رپين جي بجيٽ قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪئي وئي.

ناڻي واري وزير اسحاق ڊار بجيٽ تجويزون ايوان ۾ پيش ڪيون، بجيٽ دستاويز موجب وفاقي بجيٽ 24-2023 جو مجموعي ڪاٿو 14 هزار 460 ارب رپيا رکيو ويو آهي.

اسحاق ڊار ٻڌايو ته ايندڙ سال ايف بي آر جي اوڳاڙين جو ڪاٿو 92 کرب رپيا آهي، جنهن ۾ صوبن جو حصو 52 کرب 76 ارب رپيا هوندو، وفاقي نان ٽيڪس اوڳاڙيون 29 کرب 63 ارب رپيا هونديون، وفاقي حڪومت جي ڪُل آمدني 68 کرب 87 ارب رپيا هوندي.

وفاقي حڪومت جي ڪُل خرچن جو ڪاٿو 144 کرب 60 ارب رپيا آهي، جنهن ۾ وياج جي ادائيگين تي 73 کرب 3 ارب رپيا خرچ ٿيندا.

بجيٽ دستاويز موجب ايف بي آر جو ٽيڪس وصولي جو هدف 92 کرب رپيا مقرر ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ سڌي ريت وصولي جو ڪاٿو 37 کرب 59 ارب رپيا هوندو، جڏهن ته واسطي سان ٽيڪسن جو ڪاٿو 54 کرب 41 ارب رپيا هوندو، ان کانسواءِ غير ٽيڪس شده آمدني 29 کرب 63 ارب رپيا هوندي.

پبلڪ سيڪٽر ڊويلپمينٽ پروگرام جي بجيٽ

ناڻي واري وزير ٻڌايو ته ايندڙ سال پبلڪ سيڪٽر ڊويلپمينٽ پروگرام (پي ايس ڊي پي) لاءِ 9 کرب 50 ارب رپيا بجيٽ رکي وئي آهي، ان کانسواءِ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ذريعي ٻه کرب رپين جي واڌو رقم کانپوءِ مجموعي ترقياتي بجيٽ 11 کرب 50 ارب رپين جي تاريخي بلند ترين سطح تي هوندي.

دفاعي بجيٽ ۾ به واڌ

اسحاق ڊار ٻڌايو ته هلندڙ سال جي دفاعي بجيٽ واڌئيندي 18 لک 4 ارب رپيا ڪئي وئي آهي، گذريل مالي سال دفاعي بجيٽ 15 کرب 23 ارب رپيا هئي.سس

هن ٻڌايو ته سول انتظاميا جي خرچن لاءِ 7 کرب 14 ارب رپيا فراهم ڪيا ويندا، پينشن جي مد ۾ 7 کرب 61 ارب رپيا رکيا ويا آهن، بجلي، گئس ۽ ٻين شعبن لاءِ 10 کرب 74 ارب رپين جي رقم سبسڊي طور رکي وئي آهي، آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان، خيبر پختونخواهه ۾ ضم ٿيل ضلعن، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام، هائير ايجوڪيشن ڪميشن، ريلويز ۽ ٻين کاتن لاءِ 14 کرب 64 ارب رپين جي گرانٽ رکي وئي آهي.

صحافين ۽ فنڪارن لاءِ هيلٿ انشورنس ڪارڊ

ناڻي واري وزير موجب صحافين ۽ فنڪارن لاءِ هيلٿ انشورنس ڪارڊ جاري ڪيو پيو وڃي، ان کانسواءِ اقليتن، اسپورٽس پرسنز ۽ شاگردن جي ڀلائي لاءِ فنڊن الڳ آهن، پينشن جي مستقبل جي خرچن جي ذميواري پوري ڪرڻ لاءِ پينشن فنڊ قائم ڪيو پيو وڃي.

مالي سال 24-203 ۾ اوسر جي شرح ۽ مهانگائي جو ڪاٿو

اسحاق ڊار بجيٽ تقرير ۾ ٻڌايو ته مالي سال لاءِ معاشي اوسر جي شرح 3.5 سيڪڙو رهڻ جو ڪاٿو آهي، جڏهن ته مهانگائي جي شرح اندازن 21 سيڪڙو هوندي، بجيٽ خسارو 6.54 سيڪڙو ۽ پرائمري سرپلس جي ڊي پي جو 0.4 سيڪڙو هوندو، ايندڙ مالي سال لاءِ برآمدن جو هدف 30 ارب ڊالر، جڏهن ته ناڻي جي پهچ جو هدف 33 ارب ڊالر آهي.

هن چيو ته ايندڙ مالي سال لاءِ حڪومت معاشي ترقي (جي ڊي پي) جو هدف 3.5 سيڪڙو رکيو آهي.

گهٽ کان گهٽ پنشن ۽ اجرت ۾ واڌ

بجيٽ تقرير ۾ اسحاق ڊار ٻڌايو ته سرڪاري ملازمن جي پينشن وڌائي پئي وڃي، سرڪاري ملازمن جي گهٽ کان گهٽ پينشن 10 هزارن مان وڌائي 12 هزار ڪري رهيا آهيون، وفاقي حدن ۾ گهٽ ۾ گهٽ اجرت 32 هزار رپيا مقرر ڪئي پئي وڃي، صوبي ان معاملي تي پنهنجو فيصلو ڪندا.

هن ٻڌايو ته اي او بي آءِ ذريعي پينشن حاصل ڪندڙ پينشنرز جي گهٽ کان گهٽ پينشن کي 8500 رپين مان وڌائي 10 هزار رپيا ڪرڻ جي تجويز آهي، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي بجيٽ کي 360 ارب رپين مان وڌائي 400 ارب رپيا ڪيو ويو آهي.

زراعت

ناڻي واري وزير ٻڌايو ته زرعي قرضن جي حد کي هلندڙ مالي سال ۾ 1800 ارب رپين مان وڌائي 2250 ارب رپيا ڪيو ويو آهي، بجلي ۽ ڊيزل جا بل هارين جي سڀ کان وڏن خرچن ۾ شامل آهن، تنهن ڪري ايندڙ مالي سال ۾ 50000 زرعي ٽيوب ويلز کي شمسي توانائي تي منتقل ڪرڻ لاءِ 30 ارب رپيا رکيا ويا آهن.

هن چيو ته معياري ٻج ئي سٺي فصل جو بنياد آهي، ملڪ ۾ معياري ٻجن جي استعمال کي هٿي ڏيڻ لاءِ انهن جي درآمد تي سمورا ٽيڪس ۽ ڊيوٽيون ختم ڪري رهيا آهيون.

ڪراچي جي ڪي فور منصوبي لاءِ رقم

بجيٽ دستاويز موجب وفاقي حڪومت ڪراچي ۾ پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪي فور گريٽر واٽر سپلاءِ اسڪيم لاءِ به رقم رکي آهي، ان لاءِ 17 ارب 50 ڪروڙ رپين جي رقم فراهم ڪئي ويندي.

سولر پئنلز تي ڪسٽم ڊيوٽي کان ڇوٽ

ناڻي واري وزير چيو ته پاڪستان پنهنجي توانائي جي ضرورتن لاءِ درآمدن تي ڀاڙي ٿو، انهن درآمدن جي قيمت ۾ واڌ مهانگائي جو هڪ سبب آهي، ان قيمت ۾ گهٽتائي لاءِ اسان جي حڪومت پاڪستاني ڪوئلي جي استعمال ۽ شمسي توانائي کي هٿي ڏيڻ لاءِ تختو ارادو رکي ٿي.

هن ٻڌايو ته ان سلسلي ۾ ڪوئلي سان هلندڙ بجلي جي ڪارخانن تي زور ڀريو پيو وڃي ته اهي مقامي ڪوئلو استعمال ڪن، سولر پئنلز، انورٽرز ۽ بيٽري جي ڪچي مال تي ڇوٽ ڏئي رهيا آهيون.

اعليٰ تعليم ۽ ليپ ٽاپ اسڪيم لاءِ وڏي رقم مختص

ناڻي واري وزير اسحاق ڊار قومي اسيمبلي ۾ تجيٽ تجويزون پيش ڪندي چيو ته تعليم صوبائي ذميواري آهي پر وفاق ان ۾ پنهنجو ڀرپور حصو وجهندو آهي.

هن ٻڌايو ته هائير ايجوڪيشن ڪميشن لاءِ موجوده خرچن جي مد ۾ 65 ارب ۽ ترقياتي خرچن جي مد ۾ 70 ارب رپيا رکيا ويا آهن.

تعليم جي شعبي ۾ مالي مدد لاءِ پاڪستان انڊومنٽ فنڊ قائم ڪيو پيو وڃي، جنهن لاءِ بجيٽ ۾ 5 ارب رپيا رکيا پيا وڃن.

اهو فنڊ ميرٽ جي بنياد تي اسڪول ۽ ڪاليج جي شاگردن کي وظيفا فراهم ڪندو، جنهن جو مقصد آ ته ڪو به شاگرد وسيلا نه هجڻ سبب تعليم کان محروم نه رهي.

ليٽ ٽاپ اسڪيم، جنهن کي پنجاب صوبي ۾ وڏي ڪاميابي سان هلايو ويو هو، هلندڙ مالي سال ۾ وفاقي حڪومت ضرورتمند شاگردن ۾ ليپ ٽاپ ورهايا، ان اسڪيم کي جاري رکڻ لاءِ  ايندڙ مالي سال ۾ 10 ارب رپين جي رقم رکي وئي آهي.

رانديون به تعليم جو هڪ لازمي حصو آهن، بجيٽ ۾ اسڪول، ڪاليج ۽ پروفيشنل راندين ۾ ترقي لاءِ 5 ارب رپيا رکيا ويا آهن.

Leave A Reply

Your email address will not be published.