نوي لک گهراڻن کي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت سهولتون فراهم ڪري رهيا آهيون: شازيه مري
اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وفاقي وزير شازيه مري چيو آهي ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت 90 لک گهراڻن کي سپورٽ فراهم ڪئي پئي وڃي، بي آءِ ايس پي تحت تعليمي وظيفي ۽ واڌ ويجهه جا پروگرام جاري آهن، هاڻي پروگرام تحت ڳورهاري عورتون به رجسٽريشن ڪرائي سگهن ٿيون اسلام آباد ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي شازيه مري چيو ته ٻار جي پيدائش کان ڇهن مهينن تائين بينظير واڌ ويجهه پروگرام تحت مدد فراهم ڪئي پئي وڃي، ٻار جي پهرين هڪ هزار ڏينهن ۾ ٻار جي خوراڪ تي ڌيان گهربل هوندو آهي. سندس چوڻ هو ته ٻارن جي پيدائش تي 2 هزار ۽ نينگري جي پيدائش تي 2 هزار 5 سئو مدد فراهم ڪئي پئي وڃي. وفاقي وزير شازيه مري چيو ته هلندڙ بجيٽ ۾ بي آءِ ايس پي تحت جاري رٿائن لاءِ رقم ۾ اضافو ڪيو پيو وڃي