نئين پارٽي: فواد چوڌري تقريب ۾ پوئين سيٽ تي ڪنڌ جهڪائي ويٺل
لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور ۾ استحڪام پاڪستان پارٽي (آءِ پي پي) جي قيام جي اعلان تي اڳوڻو پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري مرڪزي اسٽيج تي نه ويٺو. پريس ڪانفرنس دوران فواد چوڌري کي مرڪزي اسٽيج تي سيٽ الاٽ ڪئي وئي.فواد چوڌري ڪجهه دير هال ۾ پٺئين سيٽ تي مٿو جهڪائي ويٺو رهيو. اهو معاملو سوشل ميڊيا تي ٽاپ ٽرينڊ رهيو،واضح رهي ته سينيئر سياستدان جهانگير ترين نئين سياسي پارٽي استحڪام پاڪستان پارٽي ٺاهڻ جو باضابطا اعلان ڪري ڇڏيو آهي. هوڏانهن جهانگير ترين گروپ جي اڳواڻ ۽ وزيراعظم جي خاص معاون عون چوڌري چيو ته مون چهرو لڪائيندي ڪنهن اڳواڻ کي نه ڏٺو، فواد چوڌري جلد سامهون ايندو ۽ پنهنجي وضاحت پيش ڪندو.