سوهانا شرما مبينا اغوا معاملو: اڄ عدالت ۾ ڇا ٿيو؟
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پنج ڏينهن اڳ سهانا شرما کي مبينا اغوا ڪيو ويو هو، جنهن کي وومين پوليس پاران جوڊيشل مئجسٽريٽ 2 جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، عدالت ٻاهران نينگري پنهنجي ماءُ چمپا شرما کي چنبڙي روئندي رهي ۽ اهو چوندي رهي ته کيس والدين سان وڃڻ ڏنو وڃي. ان کان اڳ سهانا شرما جي هڪ وڊيو آئي هئي جنهن ۾ هن مرضي موجب شادي جو بيان ڏنو ۽ تحفظ جي گهر ڪئي، اهڙي وڊيو کي سندس پيءُ دليپ ڪمار پاران اهڙي وڊيو، نڪاح نامي ۽ افيڊيوٽ کي ڪوڙو قرار ڏنو ويو هو، هن چيو هو ته ڌيءُ کان جبري بيان ڏياريو ويو آهي، ٻئي طرف قسم نامي ۾ نينگري جو سڃاڻپ ڪارڊ ٻئي مرد جو نڪتو هو، نينگري جي پيءُ ب فارم سامهون آندو هو. گذريل ڏينهن سنڌ اسيمبلي جي ميمبر منگلا شرما سوهانا شرما بابت ڳالهائيندي ڳوڙها ڳاڙي ويٺي هئي.