My WordPress Blog

جسٽس فائز عيسيٰ جو چيف جسٽس طور مقرريءَ جو نوٽيفڪيشن جلد جاري ڪرڻ جو فيصلو

0

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي هم خيال ججن ۾ آخرڪار ڏڦيڙ پئجي ويو آهي ۽ ٽن کان وڌيڪ جج هم  خيال ڌرڙي کان پاسيرا ٿي ويا آهن، جڏهن  ته ايندڙ چيف جسٽس جو نوٽيفڪيشن ايندڙ هفتي تائين جاري ٿيڻ جا امڪان آهن. نامياري صحافي حسن ايوب جو چوڻ آهي ته چيف جسٽس  ڌر  بڻجي اهڙي انتها تي هلي ويو جو سندس جج به اهو محسوس ڪرڻ لڳا ته هاڻي هو ذاتيات تي لهي آيو آهي.نامياري صحافي عمران وسيم سان ڳالهائيندي صحافي حسن ايوب چيو ته سنڌ جي ڪوٽا تي سپريم ڪورٽ۾ آيل جج ته چيف جسٽس کان پاسائتا ٿي ويا آهن. ان جو ڪارڻ 9 مئي کانپوءِ تبديل ٿي ويل حالتون به  آهن. ۽ چيف جسٽس جو پارليامينٽ  جي قانونن کي پنهنجي ذات جي  تنا ظر ۾ ڏسڻ ۽ انهن تي بنا آئيني جواز عمل روڪڻ به آهي. صحافي حسن  ايوب اهو به انڪشاف ڪيو ته جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جو  ايندڙ نئين چيف جسٽس طور مقرريءَ  جو نوٽيفڪيشن ڪجهه ئي  ڏينهن ۾ جاري ڪرڻ جو به فيصلو ٿي چڪو آهي جنهن کانپوءِ هاڻوڪي چيف جسٽس جي اهميت گهٽجي ويندي ڇو ته هر ماڻهوءَ  جون اکيون نئين چيف جسٽس تي کتل هونديون. اها انساني فطرت آهي ته ويندڙ  کي ڪير کيڪاريندو به ناهي ۽ ايندڙ کي هرڪو سلام ڪندو رهندو آهي، هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته افتخار چوڌري جي چيف جسٽس طور مقرريءَ جو نوٽيفڪيشن مقرر تاريخ کان 6 مهينا اڳ جاري ٿيو هو. ان ڪري جسٽس فائز عيسيٰ جو 2 مهينا اڳ نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ حيرانيءَ جي ڳالهه نه آهي.  

Leave A Reply

Your email address will not be published.