بجيٽ ۾ سرڪاري ملازمن لاءِ خوشخبري آهي: مريم اورنگزيب
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وفاقي بجيٽ ۾ سرڪاري ملازمن لاءِ خوشخبري آهي. اسلام آباد ۾ گفتگو ڪندي مريم اورنگزيب چيو ته عوام ڏسندو معاشي وزن ڇا هوندو آهي، گذريل 4 سال هڪ بدحالي جو سفر هو، اهو سفر ڪم ۽ ترقي ۾ تبديل ٿي ويو. هن چيو ته هڪ فتني ملڪي معيشت تي حملي جي ڪوشش ڪئي، هاڻ سڌي دڳ تي هلي رهيا آهيون، بجيٽ ۾ سرڪاري ملازمن لاءِ خوشخبري آهي، زراعت، بزنس ۽ نوجوانن لاءِ وڏو رليف پيڪيج عوام ڏسندو . سندس چوڻ هو ته چئن سالن جي نااهلي، نالائقي، چوري، ڪرپشن ۽ معيشت جي تباهي سان مايوسي پکڙي، 2013 ۾ جيئن معيشت کي سڌي رستي تي آندو هو، اڄ به اها ئي ڪوشش ڪري رهيا آهيون.