My WordPress Blog

استحڪام پاڪستان ڪنگز پارٽي يا (ن) ليگ جي بي ٽيم ؟

0

لاهور (ويب ڊيسڪ) ملڪ جي سياست ۾ ڪجهه عرصو اڳ جڏهن ايم ڪيو ايم کي ڇڙوڇڙ ڪيو ويو هو. ان کان پي ٽي آءِ جي  طاقتور ڌرين آبياري ڪرڻ شروع ڪئي هئي. آخرڪار ايم ڪيو ايم مڪمل ڪنڊائتو ڪرڻ لاءِ پاڪ سرزمين پارٽيءَ  جو مصطفيٰ ڪمال کان اعلان ڪرايو ويو هو.  نامياري صحافي معظم فخر پنهنجي تجزئي ۾ چيو آهي ته هن ڀيري صورتحال ڪجهه مختلف نظر اچي رهي آهي. ڇو ته طاقتور ڌرين پي ٽي آءِ جو به اهو حشر ڪيو جيڪو ماضيءَ  ۾ ايم ڪيو ايم جو ڪو ويو هو ۽ آخرڪار جهانگير ترين استحڪام پاڪستان پارٽيءَ  جو اعلان ڪري ڇڏيو.  ان کان اڳ عليم خان ۽ عون  چوڌري لنڊن جا ڪيترائي دورا ڪري چڪا هئا. ان ڪري اهو گمان آهي ته نئين پارٽي ٺاهڻ ۾ شايد نواز شريف جي به راءِ شامل آهي، ويتر (ن)  ليگ اڳواڻ عطا تارڙ پارٽي جي اعلان کان اڳ ئي جهانگير ترين سان دوستاڻن لاڳاپن هجڻ ۽ چونڊن ۾ سيٽ ايڊجسمينٽ  جو اعلان ڪري ڄڻ  ته ثابت ڪيو ته نواز شريف ۽ جهانگير ترين  هڪ سڪي جا پاسا آهن.  نئين پارٽي (ن) ليگ جي بي ٽيم آهي. ان ۾ طاقتور ڌرين جو هٿ به ٿي سگهي ٿو. جيڪو ايندڙ  وقت ۾ وائکو ٿي ويندو، ڇو ته پاڪ سرزمين پارٽي جيان استحڪام پاڪستان پارٽي به عوام کي متاثر ڪندڙ نالو نه آهي.  

Leave A Reply

Your email address will not be published.