آءِ ايم ايف معاهدي ۾ ڪا رنڊڪ ناهي، سياسي استحڪام بنا ترقي نٿي ٿي سگهي: وزيراعظم
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته آءِ ايم ايف جي ايم ڊي سان فون تي هڪ ڪلاڪ گفتگو ڪئي، ڪا اهڙي شئي باقي ناهي، جيڪا آءِ ايم ايف معاهدي ۾ رنڊڪ بڻجي. ڪابينا اجلاس سان خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ٻوڏ معيشت کي وڏو نقصان پهچايو، 30 ارب ڊالرن جو معاشي نقصان ٿيو، اسان ٻيهر آءِ ايم ايف سان گڏ مٿو ٻڌي ويٺا آهيون، انهن جي شرطن کي تسليم ڪيو ويو آهي ۽ مڪمل طور عملدرآمد به ڪيو آهي پر اڃا تائين اسٽاف ليول معاهدي تي صحيحون ناهن ٿي سگهيون. هن چيو اميد آهي ته هن ئي مهيني آءِ ايم ايف جو نائون ريويو مڪمل ٿيندو، آءِ ايم ايف ايم ڊي سان هڪ ڪلاڪ ٽيليفون تي گفتگو ٿي آهي، ڪا شئي باقي ناهي جيڪا معاهدي ۾ رنڊڪ بڻجي. سندس چوڻ هو ته عام ماڻهو تي مهانگائيءَ جو وڏو بار پيو آهي، هر جاءِ تي مهانگائي آهي، ڪنهن به ملڪ ۾ سياسي استحڪام نه هوندو ته ترقي نٿي ٿي سگهي، اسان جي ڪوشش آهي ته پگهارن ۾ گهٽ ۾ گهٽ ايتري واڌ ڪيون جو ماڻهو بنيادي ضرورتون پوريون ڪري سگهن.