My WordPress Blog

ڪنگز پارٽي نامنظور، اڻ ڌريا رهو، آصف زرداري جو اسٽيبلشمينٽ کي پيغام

0

لاهور(ويب ڊيسڪ)اڳوڻي صدر آصف علي زرداري پي ٽي آءِ کي ٽوڙي گروپن ۾ورهائي ڪنگز پارٽي ٺاهڻ وارين ڪوشش تي پنهنجن  خدشن جو اظهار ڪري ڇڏيو آهي. نامياري صحافي سيد عمران شفقت جو چوڻ آهي ته پ پ شريڪ چيئرمين آصف زرداري جو اعتماد انتها کي پهتل آهي جنهن جو ثبوت آصف زرداري جو اهو بيان آهي ته چونڊون تڏهن ٿينديون جڏهن هو چاهيندو.  ان حوالي سان آصف علي زرداري پنهنجن ويجهن اڳواڻن سان ڪنگز پارٽي جي قيام واري حوالي سان خدشن جو اظهار  ڪندي چيو آهي ته اسٽيبلشمينٽ کي به پيغام اماڻي ڇڏيو آهي ته اڻ ڌريو رهڻ واري پنهنجي واعدي تي قائم رهو ڇو ته ان واعدي جي بنياد تي اسان رياست بچائڻ لاءِ پنهنجي سياست قربان ڪئي، هاڻي اسان جي سياست ۾ رنڊڪون نه وڌيون وڃن ۽ ڪنگز پارٽيون ٺاهڻ وارا تجربا بند ڪيا وڃن.  ان ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته هن وقت اقتداري سياست  جو آصف زرداري بادشاهه بڻيل آهي. اهو ئي سبب هو ته جڏهن عمران خان بي اعتمادي رٿ ذريعي اقتدار مان هٽيو ۽ چونڊن جو مطالبو ڪيو ته هر ڀيري اسٽيبلشمينٽ کيس هڪ ئي جواب ڏنو هو ته آصف زرداري ۽ نواز شريف سان ڳالهايو، چونڊون ڪرائڻ يا نه ڪرائڻ جو فيصلو سياستدان ڪندا.  آخرڪار مجبور ٿي عمران خان هڪ ڀيرو ملڪ رياض ذريعي آصف زرداري سان رابطو ڪيو پر جواب ۾ آصف زرداري چيو هو ته دير ٿي چڪي آهي.  آصف علي زرداري تجربيڪار سياستدان آهي شايد محسوس ڪري رهيو آهي ته جهانگير ترين کي اسٽيبلشمينٽ جو اشارو يا آشيرواد احاصل آهي ان ڪري هن طاقتور ڌرين کي اڻ ڌريو رهڻ وارو واعدو ياد ڏياريو آهي ۽  پنهنجن ڪارڪنن ۽ اڳواڻن کي سٺا سکيا ڏينهن اچڻ جي نويد ڏني آهي.  ان ڪري ئي پي ٽي آءِ يا ڪا ٻي پارٽي ڇڏيندڙسڀ کان پهرين آصف علي زرداري سان رابطو ڪري ٿو پوءِ ڪو فيصلو ڪري ٿو.  ڇو ته آصف علي زرداري جو اعتماد ٻڌائي ٿو ته مستقبل جا سياسي فيصلا ڪرڻ ۾ آصف زرداري جو مکيا ڪردار هوندو. سياست ۽ معيشت هڪ ٻئي سان جڙيل آهن. سياستدان ئي مسئلا حل ڪندا.  ادارن کي پنهنجين آئيني حدن ۾ رهڻ گهرجي. ملڪ تڏهن ئي ترقي ڪندو. سياسي تجزئي نگارن  جو چوڻ آهي ته آصف علي زرداري هن وقت انتهائي سنجيدا، بردبار ۽  تجربيڪار سياستدان آهي، ڇو ته ملڪ ۾ موجود آهي ۽ مسئلن کي سمجهي ٿو ان ڪري ان جو اسٽيبلشمينٽ کي واضح پيغام بلڪل درست آهي ڇو ته هاڻي ڪنهن به تجربي جي سٽ ملڪ سهي نه سگهندو. ان ڪري بلڪل به ڪنگز پارٽيون ٺاهڻ جا تجربا بند ٿيڻ گهرجن.  

Leave A Reply

Your email address will not be published.