پي سي سي چيئرمين مقرري معاملو، ن ليگ ۽ پ پ آمهون سامهون
لاهور( ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين جي مقرري واري معاملي تي ن ليگ ۽ پيپلز پارٽي آمهون سامهون اچي ويون آهن. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) مئنيجمينٽ ڪميٽي جي چيئرمين نجم سيٺي کان علاوه ذڪا اشرف به بورڊ جي چيئرمين شپ جي دوڙ ۾ شامل ٿي ويو. اسلام آباد ۾ شهباز شريف سان نجم سيٺي ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ايشيا ڪپ، ورلڊ ڪپ ۽ ٻين اهم واقعن ۾ پاڪستان جي شرڪت تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.وزيراعظم پاران نجم سيٺي کي پي سي بي جي چونڊ عمل کي جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ جي به هدايت ڪئي وئي، جنهن تي نجم سيٺي شهباز شريف کي ٻڌايو ته 90 سيڪڙو ضلعن ۾ چونڊ عمل مڪمل ٿي چڪو آهي. شهباز شريف نجم سيٺي کي بورڊ جي چيئرمين شپ لاءِ اميدوار نامزد ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته ان کان علاوه اڳوڻو چيئرمين ذڪا اشرف به بورڊ جي چيئرمين شپ لاءِ اميدوار آهي. ان حوالي سان ذريعن جو چوڻ آهي ته ذڪا اشرف کي پيپلز پارٽي قيادت جي مڪمل حمايت حاصل آهي. ٻئي طرف پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي اڳوڻي چيئرمين ذڪا اشرف سان بين الصوبائي رابطن واري وفاقي وزير احسان مزاري اهم ملاقات ڪئي، احسان مزاري چيو ته ذڪا اشرف پي سي بي جي عهدي دوران شاندار خدمتون سرانجام ڏنيون.