پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ، هڪ رڪن بيمار، ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ خلاف درخواستن تي ٻڌڻي بنا ڪارروائي جي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ٿي وئي. چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 8 رڪني لارجر بئنچ کي اڄ سوا 12 وڳي ڪيس جي ٻڌڻي ڪرڻي هئي، جسٽس اعجاز الاحسن، جسٽس منيب اختر، جسٽس مظاهر نقوي، جسٽس محمد علي مظهر، جسٽس عائشا ملڪ، جسٽس حسن اظهر رضوي ۽ جسٽس شاهد وحيد بئنچ جو حصو آهن. سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ تي منع نامو جاري ڪيو آهي، جڏهن ته وفاقي حڪومت ۽ پاڪستان بار ڪيس ۾ فل ڪورٽ ٺاهڻ جي اپيل ڪئي آهي. اڄ ٻڌڻي کان اڳ عدالتي ڪمري ۾ 7 ڪرسيون لڳايون ويون، جڏهن ته بئنچ 8 رڪني آهي، پوءِ خبر پئي ته بئنچ جي رڪن جسٽس شاهد وحيد جي طبعيت ناساز آهي. سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ خلاف ٻڌڻي بنا ڪارروائي جي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.