My WordPress Blog

پرويز خٽڪ به ميدان ۾ اچي ويو، ڌار سياسي جماعت ٺاهڻ جو اعلان، وڏي دعويٰ ڪري ڇڏيائين

0

پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه جي اڳوڻي وڏي وزير پرويز خٽڪ ڌار سياسي جماعت ٺاهڻ جو اعلان ڪندي 50 کان وڌيڪ اڳوڻن اسيمبلي ميمبرن جي حمايت حاصل هجڻ جي دعويٰ ڪري ڇڏي. تحريڪ انصاف جي اڳوڻي اڳواڻ پرويز خٽڪ ڌار سياسي جماعت ٺاهڻ تي غور شروع ڪري ڇڏيو آهي، پارٽي لاءِ ڪيترائي نالا غور هيٺ آهن ۽ منشور جي تياري جو ڪم به تيز ڪيو ويو آهي.  ذريعن جو چوڻ آهي ته نئين سياسي جماعت جي منشور ۾ صوبائي حق کي ترجيح ڏني ويندي، قبيلائي علائقن جون محروميون ختم ڪرڻ لاءِ به قدم اجاڳر ڪيا ويندا.  پرويز خٽڪ هيل تائين 50 کان وڌيڪ اڳوڻن اسيمبلي ميمبرن جي حمايت حاصل ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.  

Leave A Reply

Your email address will not be published.