هلندڙ مالي سال معاشي ترقي جي شرح 0.29 سيڪڙو رهي: اسحاق ڊار
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار قومي اقتصادي سروي پيش ڪندي ٻڌايو آهي ته هلندڙ مالي سال معاشي ترقي جي شرح 0.29 سيڪڙو رهي. اسحاق ڊار رٿابندي بابت وزير احسن اقبال سان گڏ قومي اقتصادي سروي 23-2022 پيش ڪئي. هن ٻڌايو ته گذريل مالي سال تمام ڏکيو سال هو، اقتصادي سروي جي اشاعت ناڻي واري وزارت جي ذميواري هوندي آهي، 2017 ۾ پاڪستان جي معيشت دنيا جي 24هين معيشت بڻجي چڪي هئي ۽ 2022 ۾ بدقسمتي سان دنيا جي 47هين معيشت بڻجي وئي. سندس چوڻ هو ته اسان جيڪي ايرياز ڪور ڪنداسين، انهن ۾ زراعت، ڪيپيٽل مارڪيٽ، صحت، تعليم ۽ مواصلات سڀ شامل آهن، اسان فائيو ايز (ايڪسپورٽ، ايڪوئٽي، انرجي، امپاورمنٽ ۽ انوائرنمينٽ) کي ترجيح ڏني آهي، حڪومت جي ترجيح آهي ته ميڪرو اڪنامڪ ترقي سان گڏ هلون. اسحاق ڊار چيو ته ٿري ايز کانپوءِ هاڻ فائيو ايز پاليسي تي اڳتي لاءِ روڊ ميپ ٺاهيو آهي، ميڪرو اڪنامڪ استحڪام جي بحالي جا انڊيڪيٽرز اقتصادي سروي ۾ شامل آهن، ميڪرو اڪنامڪ استحڪام کي بحال ڪرڻ حڪومت جو مقصد آهي. هن چيو ته حڪومت مجموعي گروٿ جي رستي تي هلڻ چاهي ٿي، روينيو وصولي جو وڏو حصو وياج جي ادائيگي تي خرچ ٿي رهيو آهي، پي ٽي آءِ دور ۾ قرضن ۽ رهتن ۾ 100 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي، قرضن ۽ وياج جي ادائيگين جو خرچ 7 ارب رپين تائين پهچي چڪو آهي، انهن معاملن ملڪ کي وڏو نقصان پهچايو.