عمران خان سان ملاقات کانپوءِ شاهه محمود قريشي چُپ، اهڙو ڇا ٿيو؟
لاهور (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جي گذريل ڏينهن ٿيندڙ ملاقات جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي. ذريعن موجب گذريل ڏينهن ٿيل ملاقات هڪ ڪلاڪ تائين جاري رهي پر ان کانپوءِ آفيشل بيان جاري نه ڪيو ويو، نه ئي ڪا پريس ڪانفرنس ڪئي وئي، شاهه محمود قريشي صحافين سان ڳالهائڻ بنا زمان پارڪ مان روانو ٿي ويو. ذريعن جو چوڻ آهي ته شاهه محمود قريشي جڏهن پارٽي چيئرمين سان ملاقات لاءِ ويو ته فريش هو ۽ ميڊيا سان ڳالهائي ويو پر واپسي تي سندس مُنهن لٿل هو ۽ پريشان نظر آيو. ذريعن موجب تحريڪ انصاف چيئرمين ملاقات واري ڪمري ۾ شاهه محمود قريشي سان ملاقات نه ڪئي، ملاقات وڊيو رڪارڊنگ روم ۾ ٿي. ذريعن جو چوڻ آهي ته شاهه محمود قريشي ورڪرز کي رليف ڏيارڻ لاءِ پاليسي ٺاهڻ تي زور ڏيندي چيو ته هزارين ورڪر پڪڙيا ويا آهن، انهن لاءِ ڪوششون ڪرڻ گهرجن ۽ پارٽي کي ٻيهر سسٽم ۾ آڻڻ لاءِ سخت فيصلا ڪرڻا پوندا. ذريعن موجب ٻنهي اڳواڻن ڪجهه دير لان ۾ واڪ دوران به گفتو ڪئي پر پي ٽي آءِ چيئرمين سان ملاقات کانپوءِ اڃا تائين شاهه محمود قريشي جي فون مسلسل بند آهي.