My WordPress Blog

علي محمد خان پشاور جيل مان آزاد ٿيندي ئي ٻيهر گرفتار

0

پشاور (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي مملڪتي وزير علي محمد خان کي پشاور جيل مان آزاد ٿيڻک انپوءِ مردان پوليس ٻيهر گرفتار ڪري ورتو.  پشاور هاءِ ڪورٽ ٿري ايم پي او ۾ اڳوڻي مملڪتي وزير علي محمد خان جي گرفتاري کي ڪالعدم قرار ڏيندي آزادي جا حڪم جاري ڪيا هئا، جنهن تي عمل ڪندي پشاور سينٽرل جيل اختيارين کيس آزاد ڪري ڇڏيو.  پر پشاور سينٽرل جيل مان آزاد ٿيندي ئي مردان پوليس علي محمد خان کي ٻيهر گرفتار ڪري ورتو. واضح رهي ته علي محمد خان کي 9 ۽ 10 مئي تي ٿيندڙ ڀڃ ڊاهه جي ڪيسن ۾ گرفتار ڪيو ويو هو. مردان پوليس علي محمد خان جي گرفتاري جي تصديق ڪندي چيو آهي ته اڳوڻي مملڪتي وزير خلاف دهشتگردي سميت ڀڃ ڊاهه جا ڪيس سٽي ٿاڻي ۾ داخل آهن.

Leave A Reply

Your email address will not be published.