My WordPress Blog

”سنڌ بجلي پيدا ڪرڻ بعد فراهم به ڪندي“ اٿارٽي جوڙڻ جو بل منظور

0

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ سرڪار صوبي ۾ بجلي پيدا ڪرڻ ۽ سپلائي ڪرڻ واري نظام لاءِ اٿارٽي جوڙي سگهندي سنڌ اسيمبلي مان سنڌ ريگيوليشن آف اليڪٽرڪ پاور سروسز بل  سميت ٻه  بل منظور ڪري ورتا. سنڌ سرڪار چيو آهي ته بجلي جو سمورو نظام وفاق جي هٿ آهي. سنڌ  جي 54 سيڪڙو آبادي بجلي کان محروم آهي، مٿان وري لوڊشيڊنگ جي مسئلي سبب  هر ماڻهو تنگ آهي، سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ سنڌ ريگيوليشن آف اليڪٽرڪ پاور سروسز بل بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي رپورٽ ايوان ۾ پيش ڪئي وئي، بل تحت  صوبائي حڪومت صوبي ۾ بجلي پيدا ڪرڻ ۽ سپلائي ڪرڻ واري نظام لاءِ اٿارٽي جوڙي سگهندي، رپورٽ پيش ٿيڻ بعد ايوان مان بل متفقہ طور تي منظور ڪيو ويو، ان بعد  زيبسٽ کي  يونيورسٽي جو درجو ڏيڻ  بل ايوان ۾ پيش ڪيو ويو، جيڪو پڻ بل اتفاق راءِ سان پاس ڪيو ويو، صوبائي وزير عذرا پيچوهو چيو ته هن اداري ۾ 3 هزار شاگرد تعليم حاصل ڪري رهيا آهن، هائير ايجوڪيشن اعتراض ڪيو هو ان ڪري هن اداري کي يونيورسٽي جو درجو ڏئي رهيا آهيون.   ان کان اڳ ايوان ۾ ميمبرن جي سوالن جا جواب ڏيندي توانائي کاتي جي صوبائي وزير امتياز شيخ چيو ته سنڌ جي 54 سيڪڙو آبادي بجلي کان محروم آهي، سنڌ جي 46 سيڪڙو آبادي کي بجلي جي سهولت ميسر آهي، هن چيو ته سنڌ جي جن علائقن کي بجلي ملي آهي اها به پيپلزپارٽي جي سنڌ حڪومت جي ڪوششن سان ملي آهي، سنڌ ۾  حيسڪو ۽ سيپڪو وسيلي 8572 ڳوٺن کي بجلي فراهم ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته سنڌ ۾ جتي بجلي ناهي اتي 2 لک گهرن کي ورلڊ بينڪ جي سهڪار سان سولرائيز ڪيو پيو وڃي، ورلڊ بينڪ وسيلي تقريبن 3 لک گهرن کي سولر سسٽم وسيلي بجلي فراهم ڪنداسين،  . امتياز شيخ چيو ته آصف زرداري جي حڪم تي سنڌ جي ڪيترن ئي ڳوٺن کي سولر وسيلي بجلي فراھم ڪري رھيا آھيون، سنڌ جو واحد شھر آھي اسلام ڪوٽ جتي شھرين کي بجلي مفت فراھم ڪري رھيا آھيون. هن چيو ته بجلي جو سمورو نظام وفاق جي هٿ آهي ان ڪري ٿر مان پيدا ٿيندڙ 26 سئو ميگاواٽ نيشنل گرڊ ۾ شامل ٿئي ٿي ان ڪري لوڊشيڊنگ به سپلائي ڪندڙ ڪمپنين جي هٿ ۾ آئي،  لوڊشيڊنگ پوري ملڪ جو مسئلو آهي هر ماڻهو لوڊشيڊنگ کان تنگ آهي، هن چيو ته رڳو ٿر ۾ نه پر جتي به بجلي پيدا ٿئي تي انهن سمورن علائقن ۾ لوڊشيڊنگ ڪئي وڃي ٿي،  لوڊشيڊنگ جو ٽائيم اين ٽي ڊي سي طئي ڪندي آهي، سنڌ ۾ 14″_14 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ٿئي ٿي. ٻئي طرف متحده ايم پي اي خواجا اظهار  تازو ڀرتي ٿيل جي اي ايس ٽي ۽ پي ايس ٽي استادن جون پگهارون نه ٿيڻ جو معاملو ايوان ۾ اٿاريو جنهن تي جواب ڏيندي  تعليم واري صوبائي وزير سردار شاهه  چيو ته تازو جيڪي 60 هزار ڀرتيون ٿيون آهن انهن جي پگهارون نه ٿيڻ جو ذميوار تعليم کاتو نه پر اي جي آفيس آهي، هن چيو ته اي جي آفيس وارا چون ٿا ته اسان جي نظام ۾ ايتري افرادي قوت ئي ناهي هڪ ڏينهن ۾ رڳو هڪ سئو فائل اڪلائي سگهون ٿا، هن چيو ته اها حقيقت آهي ته يارهن مهينن کان جي اي ايس ٽي ۽ پي ايس ٽي استادن جون پگهارون نه ٿيون آهن، مان يقين ٿو ڏياريان ته تمام جلد پگهارون ٿي وينديون. گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائينس جي ننڊ ڪمار گوڪلاڻي ڌيان ڇڪايو نوٽيس پيش ڪندي چيو ته سنڌ جو ڪوبه شهر بدامني کان بچيل ناهي، پوري صوبي مان 40 ماڻهو ڌاڙيلن وٽ يرغمال آهن،ڪچي ۾ ڀنگ لاءِ اغوا ڪيل مغوين جون ويڊيوز جاري ڪيون پيون وڃن، اڳ ۽ رڳو مرد اغوا ٿيندا هئا هائي ته ننڍڙيون نياڻيون به اغوا ٿين ٿا. ان تي صوبائي وزير امتياز شيخ جواب ڏيندي چيو ته سنڌ جي ٽن ضلعن ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن جاري آهي، شڪارپور ۾ هاڻي صورتحال بهتر آهي، ڪشمور ۾ اشو آهي، هن چيو ته  ڏوهارين جو مسئلو رڳو سنڌ نه پر پنجاب ۾ به  آهي.   

Leave A Reply

Your email address will not be published.