My WordPress Blog

رياست خلاف سنگين قدمن جي رٿابندي جون پڪيون ثابتيون آهن: وزيراعظم

0

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته 9 مئي تي شرپسند جٿن رياست جي رٽ کي چئلينج ڪيو ۽ رياست خلاف سنگين قدمن جي رٿابندي جون پڪيون ثابتيون موجود آهن.  پرڏيهي خابرو اداري کي انٽرويو ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀاليندي ئي اهم چئلينج رهيا، گذريل حڪومت جي ناقص پاليسين سان ملڪ جو ڏيوالو ٿيڻ وارو هو، گذريل حڪومت آءِ ايم ايف پروگرام جي ڀڃڪڙي ڪئي.  هن چيو ته پاڪستان جا ماڻهو بهادر آهن ۽ ماضي ۾ به ڏکيائين جو مقابلو ڪري چڪا آهن، ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته اسان پنهنجي پيرن تي بيهنداسين، پراميد آهيون ته آءِ ايم ايف سان معاملا سٺي طريقي سان طئي ٿيندا، آءِ ايم ايف سان معاهدي ۾ گهرجون ۽ شرط سٺي انداز ۾ پورا ڪنداسين، ملڪ کي فيٽف جي گري لسٽ مان ڪڍڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهيون.  سندس چوڻ هو ته 9 مئي تي شرپسند جٿن رياست جي رٽ کي چئلينج ڪيو، رياست خلاف سنگين قدمن جي رٿابندي جون پڪيون ثابتيون موجود آهن، شرپسند عنصرن ۽ قومي سڃاڻپ کي مجروح ڪندڙن کي سخت سزا ڏني ويندي.  وزيراعظم شهباز شريف وڌيڪ چيو ته تحريڪ انصاف چيئرمين خلاف سنگين ڪرپشن جا الزام آهن، گذريل حڪومت 4 سالن ۾ سڄي اپوزيشن کي انتقام جو نشانو بڻايو، ان باوجود ڪنهن سرڪاري ادارن تي حملو نه ڪيو.  

Leave A Reply

Your email address will not be published.