My WordPress Blog

جهانگير ترين نئين سياسي جماعت ”استحڪام پاڪستان“ جو بنياد رکي ڇڏيو

0

لاهور (ويب ڊيسڪ) سينيئر سياستدان جهانگير ترين پنهنجي سياسي جماعت ”استحڪام پاڪستان پارٽي“ قائم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.  لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي جهانگير ترين نئين سياسي جماعت جو اعلان ڪيو ۽ چيو ته اڄ اسان هڪ نئين جماعت استحڪام پاڪستان پارٽي ٺاهي رهيا آهيون، سياست ۾ اچڻ جو هڪ ئي مقصد ملڪ جي ترقي ۾ پنهنجو حصو وجهڻ آهي، مان روايتي سياستدان ناهيان، سياست ۾ دير سان آيس.  هن چيو ته تحريڪ انصاف کي هڪ مضبوط سياسي قوت بڻائڻ ۾ رات ڏينهن محنت ڪئي، 2013 جي چونڊن کانپوءِ اسان پارٽي ۾ هڪ جوش ۽ جذبو پيدا ڪيو، ايندڙ ڏينهن ۾ حقيقتون سامهون اچي وينديون ته پارٽي کي مضبوط بڻائڻ لاءِ ڇا ڇا ڪيو، پاڪستان ۾ سڌارا آڻڻ اسان جو بنيادي منشور هو، بدقسمتي سان ائين نه ٿي سگهيو.  سندس چوڻ هو ته 9 مئي جي واقعن پاڪستان جي سياست کي تبديل ڪري ڇڏيو آهي، منصوبي سازن کي انجام تي نه پهچايو ويو ته سياسي مخالفن جي گهرن تي حملا به جائز سمجهيا ويندا، ڪو به معاشرو ان جي اجازت نٿو ڏئي سگهي. جهانگير ترين چيو ته ڳڻتي جوڳي صورتحال آهي، عوام جون اميدون دم ٽوڙي ويون آهن، اسان گڏجي ملڪ کي ڏکيائين مان ڪڍڻ جي ڪوشش ڪرڻ چاهيون ٿا، اهڙي سياسي قيادت جي ضرورت آهي، جيڪا ملڪ کي اڳتي وٺي وڃي.  هن چيو اسان جو جمهوري نظام تڏهن مضبوط ٿي سگهي ٿو، جڏهن حڪومت ۽ اپوزيشن پنهنجي ذميوارين کي سمجهي ۽ عمل ڪري، ايندڙ ڏينهن ۾ اسان جي جماعت ۾ وڌيڪ ماڻهو شامل ٿيندا، پنهنجي ايجنڊا منظر تي آڻينداسين، چونڊن ۾ به اسان بهترين نتيجا ڏينداسين. پريس ڪانفرنس دوران عليم خان چيو ته موجوده صورتحال ۾ هر پاڪستاني پريشان آهي، اسان کي ملڪي حالتن تي ڳڻتي هئي، تنهن ڪري الڳ پارٽي ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو، پنهنجي وڏي ڀاءَ جهانگير ترين جو ٿورائتو آهيان، جنهن اسان سڀني کي گڏ ڪيو، اسان سڀ گڏجي جهانگير ترين جي قيادت ۾ ان جدوجهد ۾ حصو وجهنداسين.  هن چيو ته ڏڦيڙ جي سياست پاڪستان کي کوکلو ڪري ڇڏيو آهي، اسان کي ڏڦيڙ ختم ڪرڻو آهي، اهڙو مستحڪم پاڪستان بڻائڻو آهي، جنهن ۾ پارليامينٽ، عدليا ۽ اسٽيبلشمينٽ هڪ پيج تي هجن.  ذريعن جو چوڻ آهي ته عمران اسماعيل، علي زيدي، فواد چوڌري، عامر ڪياني، محمود مولوي، جي پرڪاش، مراد راس ۽ فردوس عاشق اعواڻ نئين جماعت جو حصو هوندا.  ذريعن موجب اڳوڻا ايم پي اي ظهير الدين عليزئي، جاويد انصاري، طارق عبدالله، فياض چوهاڻ، نعمان لنگڙيال، نوريز شڪور، رفاقت علي گيلاني ۽ ممتاز مهروي به جماعت ۾ شامل هوندا، جڏهن ته فاٽا مان جي جي جمال ۽ ڪي پي مان اجمل وزير به پارٽي جو حصو آهن.  ذريعن جو چوڻ آهي ته مهر ارشاد ڪاٺيا، عثمان اشرف، جليل شرقپوري، خرم روکڙي ۽ ديوان عظمت به جهانگير ترين گروپ ۾ شموليت جو اعلان ڪري چڪا آهن.

Leave A Reply

Your email address will not be published.