My WordPress Blog

جهانگير ترين جي پارٽي ۾ ڪير ڪير شامل آهن؟ نالا سامهون اچي ويا

0

لاهور (ويب ڊيسڪ) سينيئر سياستدانن جهانگير ترين تمام جلد استحڪام پاڪستان پارٽي قائم ڪرڻ جو اعلان ڪندو.  ذريعن موجب نئين سياسي جماعت استحڪام پاڪستان پارٽي جو چيٽرن ان چيف جهانگير ترين هوندو ۽ لاهور جي مقامي هوٽل ۾ پارٽي جو باقاعدي اعلان ڪيو ويندو.  ذريعن جو چوڻ آهي ته عمران اسماعيل، علي زيدي، فواد چوڌري، عامر ڪياني، محمود مولوي، جي پرڪاش، مراد راس ۽ فردوس عاشق اعواڻ نئين جماعت جو حصو هوندا.  ذريعن موجب اڳوڻا ايم پي اي ظهير الدين عليزئي، جاويد انصاري، طارق عبدالله، فياض چوهاڻ، نعمان لنگڙيال، نوريز شڪور، رفاقت علي گيلاني ۽ ممتاز مهروي به جماعت ۾ شامل هوندا، جڏهن ته فاٽا مان جي جي جمال ۽ ڪي پي مان اجمل وزير به پارٽي جو حصو آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته مهر ارشاد ڪاٺيا، عثمان اشرف، جليل شرقپوري، خرم روکڙي ۽ ديوان عظمت به جهانگير ترين گروپ ۾ شموليت جو اعلان ڪري چڪا آهن.

Leave A Reply

Your email address will not be published.