بلوچستان عوامي پارٽي جو بجيٽ سيشن جي بائيڪاٽ جو اعلان
ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي وڏي وزير ۽ بلوچستان عوامي پارٽي جي صدر عبدالقدوس بزنجي وفاقي بجيٽ سيشن جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو. وفاقي بجيٽ سڀاڻي پارليامينٽ هائوس ۾ پيش ڪئي ويندي، جنهن لاءِ قومي اسيمبلي جو اجلاس سڀاڻي 4 وڳي طلب ڪيو ويو آهي. بلوچستان جي وڏي وزير عبدالقدوس بزنجي وفاقي بجيٽ سيشن جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته بلوچستان عوامي پارٽي وفاقي بجيٽ سيشن جو حصو نه بڻجندي. هن چيو ته بي اي پي جا قومي اسيمبلي ميمبر ۽ سينيٽر وفاقي بجيٽ سيشن ۾ شرڪت نه ڪندا، کين ان حوالي سان واضح هدايتون جاري ڪيون ويون آهن. واضح رهي ته بلوچستان سان واسطو رکندڙ ميمبرن گذريل ڏينهن اقتصادي رابطا ڪميٽي جي اجلاس جو به بائيڪاٽ ڪيو هو.