My WordPress Blog

آءِ ايم ايف ايندڙ مالي سال لاءِ ٽيڪس وصولين جو هدف 9200 ارب رپيا رکڻ تي راضي

0

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آءِ ايم ايف ايندڙ مالي سال دوران ٽيڪس وصولين جو هدف 9200 ارب رپيا رکڻ تي راضي ٿي ويو.  ذريعن موجب ايندڙ مالي سال لاءِ ٽيڪس وصولين جو هدف 9200 ارب رپيا مقرر ڪيو ويو آهي، بجيٽ ۾ 1600 اربن کان وڌيڪ جا ٽيڪس وصول ڪيا ويندا، 510 اربن جا ٽيڪس مني بجيٽ ۾ لڳي چڪا آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته 200 ارب رپين جا نوان ٽيڪس فنانس بل ذريعي لڳندا، مجموعي طور تي ايف بي آر هلندڙ مالي سال جي ڀيٽ ۾ ايندڙ مالي سال 1900 ارب واڌو گڏ ڪندو.  ذريعن موجب نان فائلرز لاءِ ميوچل فنڊز ۽ ريئل انويسٽمينٽ ٽرسٽ تي 30 سيڪڙو کان وڌيڪ ٽيڪس جو فيصلو ڪيو ويو اهي، بجيٽ ۾ درآمدي لگزري شين تي ود هولڊنگ ٽيڪس وڌايو ويندو، پراپرٽي سيڪٽر ۾ نان فائلرز لاءِ ود هولڊنگ ٽيڪس ٻيڻو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.  فنانس بل موجب نان فائلرز لاءِ پرائز بانڊز جي خريد ۽ وڪرو ڪندڙن تي ود هولڊنگ ٽيڪس وڌايو ويندو، پراپرٽي سيڪٽر ۾ پلاٽ جي خريد ۽ وڪري تي ود هولڊنگ ٽيڪس نان فائلرز لاءِ ٻيڻو هوندو، بجيٽ ۾ نان فائلرز جي ود هولڊنگ ٽيڪس جي شرح فائلرز جي ڀيٽ ۾ ٻيڻي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.  

Leave A Reply

Your email address will not be published.