My WordPress Blog

گورنر سنڌ جو نصير سومري لاءِ ماهوار رقم جو اعلان

0

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري نصير سومري کي 10 لک رپيا ڏنا ۽ ماهوار 50 هزار رپيا ڏيڻ جو اعلان ڪيائين.  سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري ڊگھي قد واري نصير سومري جي ڪراچي ۾ سندس گهر پهتو ۽ کانئس طبيعت بابت حال احوال ورتائين.  سنڌ جي گورنر چيو ته بدقسمتي آهي ته اسان نصير سومري جهڙي شخص کي پنهنجي حياتيءَ ۾ ئي وساري ڇڏيو آهي، نصير سومري جي اها ڳالهه ٻڌي ڏک ٿيو هو ته هو سوچي ٿو ته سنڌ جو پٽ نه آهي. ان موقعي تي گورنر سنڌ نصير سومرو کي 10 لک چيڪ ڏنو، جڏهن ته گهر ۾ جنريٽر هڻائڻ ۽ سندس قد برابر بيڊ ٺهرائڻ جون به هدايتون ڪيائين.  گورنر پنهنجي ذاتي حيثيت سان نصير سومري لاءِ 50 هزار رپيا ماهوار خرچ ادا ڪرڻ جو به اعلان ڪيو.  

Leave A Reply

Your email address will not be published.