وزيراعظم نجم سيٺي کي پي سي سي چيئرمين لاءِ اميدوار نامزد ڪري ڇڏيو
اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم شهباز شريف نجم سيٺي کي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين لاءِ نامزد ڪري ڇڏيو. وزيراعظم شهباز شريف سان پي سي سي مئنيجمينٽ ڪميٽي جي سربراهه نجم سيٺي ملاقات ڪئي، جنهن دوران وزيراعظم نجم سيٺي کي جلد پي سي بي چيئرمين جون چونڊون مڪمل ڪرائڻ جي هدايت ڪئي. ذريعن موجب، وزيراعظم نجم سيٺي کي پي سي بي چيئرمين لاءِ اميدوار نامزد ڪري ڇڏيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم جلد ٻه نالا پي سي سي گورنرز بورڊ ڏانهن اُماڻيندو، م سيٺي کانسواءِ ٻيو نالو مصطفيٰ جي هجڻ جو امڪان آهي.