My WordPress Blog

نو مئي سانحو، وقت اچي ويو آهي ته منصوبي سازن خلاف پڪڙ مضبوط ڪئي وڃي: فارميشن ڪمانڊرز ڪانفرنس

0

 راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل عاصم منير جي صدارت هيٺ ٿيندڙ فارميشن ڪمانڊرز ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙن عزم جو اظهار ڪيو آهي ته 9 مئي جي منصوبي سازن ۽ ماسٽر مائيڊز خلاف قانون جي پڪڙ مضبوط ڪئي وڃي. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل عاصم منير جي صدارت هيٺ جنرل هيڊ ڪوارٽرز (جي ايڇ ڪيو) ۾ فارميشن ڪانفرنس ٿي، جنهن ۾ ڪور ڪمانڊرز، پرنسپل اسٽاف آفيسرز ۽ پاڪ فوج جي سڀني فارميشن ڪمانڊرز شرڪت ڪئي.  آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته فورم شهيدن جي عظيم قربانين کي زبردست ڀيٽا پيش ڪئي ۽ چيو ته رياست ۽ فوج شهيدن ۽ انهن جي وارثن کي سدائين عزت ۽ احترام ڏيندي.  پاڪ فوج جي ترجمان اداري موجب پاڪ فوج علائقائي سلامتي جي تحفظ لاءِ پنهنجي قومي ذميوارين کي پورو ڪرڻ جو پهه ڪيو آهي.  فورم 9 مئي واقعن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي پنهنجي ان تختي عزم جو اظهار ڪيو ته شهيدن جي يادگارن، جناح هائوس ۽ فوجي ملڪيتن تي حملو ڪندڙن کي پاڪستان آرمي ايڪٽ ۽ آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ تحت يقيني طور جلد کان جلد انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.  آرمي چيف چيو ته اڪثريت سان گڏ ڪيل شاهدين کي رد نٿو ڪري سگهجي، بگاڙ پيدا ڪرڻ جون سموريون ڪوششون ۽ فرضي انساني حقن جي ڀڃڪڙي پويان پناهه وٺڻ لاءِ سموريون ڪوششون فائديمند ناهن.  هن چيو ته قوم جي ڀرپور سهڪار سان سمورا ناڪام عزم ناڪام بڻايا ويندا، ملڪ دشمن عنصر ۽ انهن جا حامي پروپئگنڊا سان معاشرتي فرق ۽ ڏڦيڙ پيدا ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪري رهيا آهن.  پاڪ فوج جي سربراهه چيو ته پاڪستاني عوام ۽ پاڪ فوج جو پاڻ ۾ گهرو واسطو آهي، جيڪو قومي سلامتي ۾ مرڪزي حيثيت رکي ٿو، انساني حقن جي ڀڃڪڙين ۽ سياسي سرگرمين کي روڪڻ جي بي بنياد الزامن جو مقصد عوام کي گمراهه ڪرڻ آهي.  فورم رياست ۽ رياستي ادارن خلاف نفرت پکيڙيندڙن ۽ ملڪ ۾ ڏڦيڙ پکيڙيندڙن خلاف گهيرو تنگ ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ عزم جو اظهار ڪيو ته هاڻ وقت اچي ويو آهي ته منصوبي سازن ۽ ماسٽر مائينڊز خلاف قانون جي پڪڙ مضبوط ڪئي وڃي.  

Leave A Reply

Your email address will not be published.