نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ سنڌ پوليس 12 ارب رپيا واڌو گهري ورتا
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ سنڌ پوليس 12 ارب رپيا واڌو گهري ورتا، رقم پوليس لائنز ۽ پوليس فيملي ڪوارٽرز، جديد هٿيارن جي خريداري، ڪچي جي آپريشن ۽ ميڊيڪل جي مد ۾ گهري وئي آهي. سنڌ پوليس نئين مالي سال جي بجيٽ لاءِ تجويزون پيش ڪري ڇڏيون، بجيٽ ۾ 12 ارب رپيا واڌو رکڻ جي تجويز پيش ڪئي وئي آهي. سنڌ پوليس اختيارين موجب سي ٽي ڊي، اسپيشل برانچ، انويسٽيگيشن، ڪچي جي آپريشن ۽ جديد هٿيارن جي خريداري لاءِ تجويزون پيش ڪيون ويون آهن. سکر ۽ حيدرآباد ۾ سي ٽي ڊي ڪامپليڪس جي تعمير لاءِ هڪ ارب، پوليس لائنز ۽ پوليس فيملي ڪوارٽرز لاءِ 6 ارب رپين جو ڪاٿو لڳايو ويو آهي. پوليس ملازمن جي ميڊيڪل بلن جي ادائيگي لاءِ هڪ ارب رپين جو ڪاٿو لڳايو ويو آهي، هيلٿ الائونس وڌائڻ جون تجويزون به پيش ڪيون ويون آهن.