عوام کي مهانگائي ۾ رليف ڏيڻ لاءِ حڪومت جو وڏو فيصلو
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ يوٽيليٽي اسٽورن تي وزيراعظم رليف پيڪيج جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي، پيڪيج جو مدو هلندڙ مهيني جي 30 تاريخ تي ختم ٿي رهيو آهي. مهانگائي ۾ رليف ڏيڻ لاءِ حڪومت وزيراعظم رليف پيڪيج جاري رکڻ جو فيصلو ڪري ورتو. ذريعن جو چوڻ آهي ته يوٽيليٽي اسٽورن تي وزيراعظم پيڪيج ايندڙ مالي سال جاري رکڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، يوٽيليٽي اسٽورن تي وزيراعظم پيڪيج جو مدو 30 جون تي ختم ٿي رهيو آهي. ذريعن موجب بجيٽ ۾ وزيراعظم پيڪيج لاءِ 30 ارب رپيا رکڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، نئين مالي سال يوٽيليٽي اسٽورن تي 5 بنيادي شين تي سبسڊي ڏني ويندي. وزيراعظم پيڪيج تحت کنڊ، گيهه، اٽي، دلين ۽ چانورن تي سبسڊي ڏيڻ جي تجويز آهي.س