عدالتي دَر تي احتجاج انصاف ۾ رنڊڪ جهڙو آهي: چيف جسٽس
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس آف پاڪستان ريمارڪس ڏنا آهن ته عدالتي دَر تي احتجاج انصاف جي فراهمي ۾ رنڊڪ وجهڻ جهڙو آهي. پنجاب ۾ چونڊن جي عدالتي حڪم تي اليڪشن ڪميشن جي نظرثاني درخواست تي ٻڌڻي چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ ڪئي. ٻڌڻي جي شروعات ۾ چيف جسٽس اٽارني جنرل سان مڪالمو ڪندي چيو ته نئون قانون ٺهيو، ان تي توهان کي نوٽيس ڪري رهيا آهيون. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته اسان ريويو آف ججمنٽس اينڊ آرڊر قانون خلاف ڪيس ۽ پنجاب اليڪشن نظرثاني ڪيس گڏ ٻڌنداسين، اليڪشن ڪميشن مڪمل انصاف جي فراهمي بابت تمام سٺا دليل ڏنا، اهو بلڪل نئون ڪيس ناهي، اهو هڪ قومي معاملو آهي، ڇا آئيني هدايتن کي پٺ تي رکي سگهجي ٿو؟ درخواستگذار جي وڪيل علي ظفر دليل ڏيندي چيو ته سپريم ڪورٽ ريويو آف ججمنٽس اينڊ آرڊر ايڪٽ آئين سان ٽڪراءُ آهي، جنهن جي شق 5 چئي ٿي ته 184 جي شق 3 جي فيصلي خلاف اپيل جو حق هوندو، منهنجي اپيل آهي ته شق 5 پنجاب جي چونڊن تي لاڳو نٿي ٿي سگهي، مون کي يقين آهي ته عدالت ان قانون کي ڪالعدم قرار ڏيندي، جيڪڏهن قانون برقرار رهندو ته 5 رڪني بئنچ جوڙي ويندي، پنجاب چونڊون نظرثاني ڪيس کي پراڻي قانون تحت ٻڌو وڃي. چيف جسٽس چيو 14 مئي تي پنجاب ۾ چونڊن جو فيصلو ٿيو، ان وقت کي واپس نٿو آڻي سگهجي، ان جا نتيجا ڇا هوندا؟ 9 مئي واقعن کانپوءِ اليڪشن ڪميشن جو وڪيل يقين سان جواب نه ڏئي سگهيو ته 8 آڪٽوبر تي چونڊون ٿينديون، ماضي ۾ واڌ ملندي رهي، ان جا مثال موجود آهن، اسان کي اهو به ڏسڻو آهي. وڪيل علي ظفر چيو ته 15 مئي تي مون کي لڳو آئين مري ويو، مون کي لڳو آئين قتل ٿي ويو آهي، ٻن صوبن جو عوام اسيمبلين ۾ عوامي نمائندگي کان محروم آهي، آئين لاڳو ٿيڻ لازمي آهي، مون کي نٿو لڳي ته ڪو جج اهو چئي سگهندو ته 90 ڏينهن کانپوءِ چونڊون ڪرايون وڃن، سپريم ڪورٽ ان ڪيس جو فيصلو ڪري، سول جج جو به احترام هجڻ گهرجي، مون کي سپريم ڪورٽ جي ججن تي ڪو اعتراض ناهي. وڪيل چيو ته قانون سازي 5 منٽن ۾ ڪئي وئي، اپيل جو حق سٺي شئي آهي، اپيل جو حق آئيني ترميم ذريعي ملڻ گهرجي، قانون سازي ڪري آئين کي تبديل ڪيو ويو، 17هين صدي کان اپيل جو لفظ استعمال ٿي رهيو آهي، 1980 ۾ فل ڪورٽ ويٺي ۽ طئي ڪيو ته نظرثاني جا اهي اختيار آهن، نظرثاني جي لفظ کي تبديل ڪري آئين کي تبديل ڪيو ويو. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته آرٽيڪل 184 جي شق 3 جي فيصلي تائين محدود انداز ۾ اپيل جو حق ڏنو ويو، حڪومت ۽ حڪومتي ادارن فيصلو ڪيو آهي ته عدالت ذريعي ڳالهه ڪرڻي آهي، اها هڪ سٺي ڳالهه آهي، اها حقيقت پسندي کي ظاهر ڪري ٿي، اڳ ۾ سپريم ڪورٽ جي دَر تي احتجاج ڪيو پئي ويو، عدالتي دَر تي احتجاج ته انصاف جي فراهمي ۾ رنڊڪ وجهڻ جهڙو آهي. اٽارني جنرل عدالت کي چيو ته علي ظفر درخواست ڏئي، کيس نوٽيس جاري ٿئي، پوءِ کيس ٻڌو وڃي، سپريم ڪورٽ درخواست داخل ڪرڻ کان اڳ نه ٻڌي، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته اها سٺي ڳالهه آهي. پوءِ عدالت اٽارني جنرل سميت ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي ايندڙ اڱاري تائين ملتوي ڪري ڇڏي. عدالت چيو ته اڱاري کان روز جي بنياد تي ڪيس ٻڌي فيصلو ڪنداسين.