My WordPress Blog

شاهه محمود قريشي جي پي ٽي آءِ چيئرمين سان ملاقات، صحافين سان ڳالهائڻ بنا روانو

0

لاهور (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان سان وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي زمان پارڪ ۾ ملاقات ڪئي.  شاهه محمود قريشي تقريبن ڏيڍ ڪلاڪ زمان پارڪ ۾ رهيو ۽ عمران خان سان ملاقات کانپوءِ روانو ٿي ويو.  تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين زمان پارڪ مان واپسي تي ميڊيا سان ڳالهائڻ کان پاسو ڪيو.  واضح رهي ته شاهه محمود قريشي کي گذريل ڏينهن اڊيالا جيل مان آزاد ڪيو ويو هو ۽ جيل ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو هو ته پارٽي چيئرمين سان ملاقات ڪري تفصيلي گفتگو ڪندس.  

Leave A Reply

Your email address will not be published.