My WordPress Blog

خديجا شاهه جي گرفتاري واري معاملي تي آمريڪا وڏو بيان ڏئي ڇڏيو

0

واشنگٽن ( ويب ڊيسڪ ) آمريڪا جو چوڻ آهي ته خديجا شاهه ٻٽي شهريت رکندڙ آهي، ان معاملي تي پاڪستاني اختيارين سان سڌي ريت رابطي ۾ آهيون ۽ ڪيس فالو ڪري رهيا آهيون.  آمريڪي پرڏيهي وزارت جي ترجمان ويندت پٽيل چيو آهي ته  خديجا شاهه ٻٽي شهريت رکندڙ آهي، پاڪستاني اختيارين کي چيو آهي ته خديجا شاهه کي ڪائونسلر تائين پهچ ڏني وڃي،ن معاملي تي پاڪستاني اختيارين سان سڌي ريت رابطي ۾ آهيون ۽ ڪيس فالو ڪري رهيا آهيون.  واضح رهي ته خديجا شاهه نوَ مئي تي جناح هائوس تي حملي جي ڪيس ۾ گرفتار آهي.  پي ٽي آءِ چيئرمين جي آمريڪا تي لڳايل الزامن جي سوال تي ترجمان چيو ته پهريان به چئي چڪا آهيون ته اهڙي قسم جا الزام غلط ۽ بي بنياد آهن.  ترجمان وڌيڪ چيو ته پاڪستاني سياست پاڪستاني عوام جو معاملو آهي، جيڪو به ٿئي آئين مطابق ٿيڻ گهرجي.  

Leave A Reply

Your email address will not be published.