My WordPress Blog

بلاول جو عراق دورو، پاڪستاني سفارتخاني جي نئين عمارت جي پيڙهه جو پٿر رکيو ويو

0

بغداد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري عراق جي دوري جي موقعي تي بغداد ۾ پاڪستاني سفارتخاني جي نئين عمارت جي پيڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو، جڏهن ته پاڪ – عراق بزنس فورم ۽ ٻنهي ملڪن ۾ بزنس ڪائونسل به قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو.  سفارتخاني جي پيڙهه جو پٿر رکڻ جي تقريب ۾ عراقي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير فواد حسين به بلاول ڀٽو زرداري سان گڏ هو. عراق ۾ پاڪستاني سفير احمد امجد علي ۽ پاڪستان ۾ عراقي سفير حامد عباس لفتا به تقريب ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته بغداد ۾ پاڪستاني سفارتخاني جي ڪامپليڪس جي تعمير سٺو سنئوڻ آهي، پاڪستان ايمبيسي ڪامپليڪس عراق ۽ پاڪستان جي عوام، واپاري برادري سميت سڀني شعبن سان واسطو رکندڙ ماڻهن لاءِ مددگار هوندي. پرڏيهي وزير جي عراق جي دوري دوران سفارتي ۽ سرڪاري پاسپورٽ رکندڙ پاڪستانين لاءِ ويزا جي خاتمي بابت مفاهمت جي يادداشت تي صحيحون ڪيون ويون، جڏهن ته پاڪستان ۽ عراق جي چيمبرز آف ڪامرس ۽ ڪلچرل سهڪار جي الڳ الڳ معاهدن تي صحيحون ڪيون ويون.  بلاول ڀٽو زرداري ڪربلا ۾ پاڪستاني زائرين لاءِ مرڪز ۽ نجف ۾ پاڪستاني قونصليٽ کولڻ جو اعلان به ڪيو.  

Leave A Reply

Your email address will not be published.