My WordPress Blog

آصف زرداري معاشي مسئلن جو حل ٻڌائي ڇڏيو

0

لاهور (ويب ڊيسڪ) پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري چيو آهي ته پنجاب جون سموريون وڏيون ڪاروباري شخصيتون گڏجي وڃن، مان سيڙپڪاري جي گارنٽي ڏيان ٿو. لاهور ۾ واپارين سان خطاب ڪندي آصف زرداري چيو ته پاڪستان ۾ هاڻ به معاشي طاقت بڻجڻ جي صلاحيت موجود آهي، اسان کي لانگ ٽرم معاشي منصوبا ٺاهڻا پوندا، جنهن تي سڀئي حڪومتون عمل ڪن. هن چيو ته چين جو معاشي پلان 50 سالن جو آهي، جنهن تي ان جون سڀ حڪومتون عمل ڪنديون آهن، جنهن سبب چين معاشي سپر پاور بڻجي ويو آهي، اسان کي به پنهنجي معيشت چين جيان هلائڻي پوندي. سندس چوڻ هو ته گوادر 70 سالن کان پاڪستان ۾ موجود آهي پر ان تي ڪنهن جي نظر نه پئي، پ پ گوادر کي ترقي ڏئي ملڪ کي معاشي طاقت بڻائڻ جو بنياد رکيو.  

Leave A Reply

Your email address will not be published.