My WordPress Blog

آءِ ايم ايف پروگرام بحال نه ٿيو ته حڪومت ڇا ڪندي؟ احسن اقبال ٻڌائي ڇڏيو

0

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) رٿابندي بابت وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته پاڪستان عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جا سڀ شرط پورا ڪري ڇڏيا آهن.  نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي احسن اقبال چيو ته اهي سمورا شرط گذريل حڪومت طئي ڪيا هئا، اهي ڏکيا فيصلا هئا، جن جي سياسي قيمت هئي. هن چيو ته آءِ ايم ايف سان ڳالهين جي حوالي سان جيڪو جائزو ٿي رهيو آهي، اميد ته آءِ ايم ايف پروگرام ملي ويندو، ڪوشش آهي ته آءِ ايم ايف پروگرام بحال ٿي وڃي. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته جيڪڏهن آءِ ايم ايف پروگرام بحال نٿو ٿئي ته اهڙا قدم کڻنداسين، جن سان ناڻي مٽاسٽا جا ذخيرا وڌن. احسن اقبال چيو ته اسان واپاري مرڪز رات هڪ وڳي تائين کليل رکندا آهيون، اها عياشي ڪو ملڪ ناهي ڪندو، هر سطح تي معاشي فيصلا ڪرڻا پوندا، شام جو جلد ڪاروبار بند ڪرڻ سان اسان هڪ ارب ڊالر تيل جي بچت ڪري سگهون ٿا.

Leave A Reply

Your email address will not be published.