ڪوئيٽا: عمران خان خلاف سنگين غداري ڪيس جو پٽيشنر فائرنگ ۾ مارجي ويو
ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان خلاف سنگين غداري ڪيس ۾ پٽيشنر ۽ سينيئر وڪيل ايڊووڪيٽ عبدالرزاق اڻڄاتل ماڻهن جي فائرنگ ۾ مارجي ويو. پوليس موجب ايڊووڪيٽ عبدالرزاق گهر کان گاڏي ۾ عدالت وڃي رهيو هو ته هٿياربندن مٿس فائرنگ ڪئي ۽ فرار ٿي ويا. پوليس سرجن ٻڌايو ته عبدالرزاق کي ٻن پاسن کان نائن ايم ايم پسٽل سان نشانو بڻايو ويو ۽ کيس 15 گوليون لڳيون. بلوچستان جي وڏي وزير واقعي جو نوٽيس وٺندي آءِ جي کان رپورٽ طلب ڪري ورتي، جڏهن ته واقعي خلاف وڪيلن عدالتن جو بائيڪاٽ ڪيو. هوڏانهن وزيراعظم جي خاص مددگار عطاالله تارڙ عبدالرزاق جي قتل جو الزام تحريڪ انصاف چيئرمين تي لڳائي ڇڏيو. هن چيو ته عبدالرزاق کي ٽارگيٽ ڪري شهيد ڪيو ويو، هو غداري جي ڪيس ۾ پي ٽي آءِ خلاف درخواستگذار هو. سندس چوڻ هو ته واقعي جو ذميوار پي ٽي آءِ چيئرمين آهي، پي ٽي آءِ هڪ دهشتگرد جماعت بڻجي وئي آهي، هاڻ تحريڪ انصاف چيئرمين خلاف ڪيس ڪيو ويندو.