My WordPress Blog

پي ٽي آءِ چيئرمين کي فوج ۾ بغاوت ٿيڻ جي خاطري ڪرائي وئي

0

لاهور(ويب ڊيسڪ) عمران خان هڪ ملاقاتي کي ٻڌايو ته ايندڙ ٻن هفتن ۾ فوج ۾ بغاوت ٿيندي ۽ جنرل سيد عاصم منير جو ڪورٽ مارشل ڪيو ويندو، اهڙو انڪشاف سينيئر صحافي ۽ تجزيه نگار عمران شفقت ڪيو آهي.  تازو وي لاگ ۾ 9 مئي جي واقعن تي تبصرو ڪندي  صحافي عمران شفقت چيو ته اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کي سندس ويجهن ماڻهن يقين ڏياريو آهي ته ايندڙ 2 هفتن ۾ آرمي چيف جنرل عاصم منير جي خلاف بغاوت جي شروعات ٿي ويندي.  هن جو  چوڻ هو ته 9 مئي جي واقعي کانپوءِ صورتحال اهڙي آهي جو عمران خان جا ڪيترائي سهولتڪار هن کان پاسيرو ٿي ويا آهن.  چيف جسٽس عمر عطا بنديال به سخت اسٽنگ انٽري سبب عمران خان کي رليف  رهيو هو پر 10 مئي کان پوءِ به صورتحال سندس لاءِ سازگار نه رهي آهي

Leave A Reply

Your email address will not be published.