My WordPress Blog

پي ٽي آءِ چيئرمين جي مولانا فضل کي پرچائڻ خاطر ڊيرا اسماعيل وڃڻ جي آڇ

0

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)  تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته سڀني سياستدانن وٽ وڃي سمورا اختلاف ختم ڪرڻ چاهيان ٿو.  نامياري صحافي ظفر نقوي جو چوڻ آهي ته وڪيلن کي خطاب ڪندي عمران خان واضح ڪيو ته مولانا فضل الرحمان سان ڪجهه وڌيڪ ڇڪتاڻ آهي ان ڪري کيس پرچائڻ لاءِ ڊيرا اسماعيل خان وڃڻ لاءِ به تيار آهيان. ملڪ جي موجوده سياسي ۽ معاشي حالتن ۾ سياستدانن کي اختلاف ختم ڪري گڏجي ويهي ملڪ جا مسئلا حل ڪرڻ جو ڪو حل ڳولهڻ گهرجي.  ياد رهي ته اهو ئي عمران خان ڪجهه ڏينهن اڳ آصف علي زرداري ۽ مولانا فضل الرحمان کي مختلف گندن ۽ اخلاق کان ڪريل نالن سان مخاطب ٿيندو هو.  ساڳو ماڻهون 9 مئي واقعن کانپوءِ اهڙي رحم جوڳي حالت ۾ اچي ويو آهي جو هاڻي چورن ۽ ڌاڙيلن کي گڏجي ويهڻ ۽ ڳالهائڻ لاءِ منٿون ڪري رهيو آهي، پر ساڻس ڪير به ڳالهائڻ لاءِ تيار نه آهي.  

Leave A Reply

Your email address will not be published.