وزيراعظم جي صدارت هيٺ قومي اقتصادي ڪائونسل جو اجلاس، بلوچستان جو بائيڪاٽ
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بلوچستان حڪومت قومي اقتصادي ڪائونسل جي اجلاس جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو. وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ قومي اقتصادي ڪائونسل جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ناڻي واري وزير اسحاق ڊار، رٿابندي بابت وزير احسن اقبال سميت ٻين وزيرن ۽ سنڌ، پنجاب ۽ خيبر پختونخواهه جي وڏن وزير شرڪت ڪئي، جڏهن ته بلوچستان حڪومت اجلاس جو بائيڪاٽ ڪيو. قومي اقتصادي ڪائونسل جي اجلاس ۾ نئين مالي سال جي ترقياتي منصوبو جو جائزو ورتو ويو. بلوچستان جي سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي ميمبرن طرفان وفاقي حڪومت جي تجويز ڪيل منصوبن کي سالياني ترقياتي پروگرام ۾ شامل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي. بلوچستان حڪومت جو چوڻ آهي ته وفاقي حڪومت واعدن تي عمل ناهي ڪيو، وفاقي حڪومت جو رويو ڏسي اجلاس ۾ شرڪت نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.