مولانا فضل الرحمان جي ڌمڪي، حريم شاهه جي سيڪيورٽي سخت
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) تڪراري ٽڪ ٽاڪر حريم شاهه مبينا ڌمڪي ملڻ بعد سيڪيورٽي وڌائي ڇڏي آهي. حريم شاهه مولانا فضل الرحمان ۽ ٻين طرفان ڌمڪي ملڻ کانپوءِ حفاظت لاءِ پرائيويٽ سيڪيورٽي گارڊ رکي ورتا آهن ۽ اهڙو اطلاع هن ٽويٽر ذريعي ڏنو آهي. حريم شاهه جي نالي سان ٽويٽر اڪائونٽ موجب مولانا فضل الرحمان ۽ ٻين جي ڌمڪين بعد پرائيويٽ گارڊ رکيا آهن. سندس پوسٽ تي سوشل ميڊيا واهپيدارن طرفان تبصرن جو سلسلو جاري آهي، هڪ واهپيدار لکيو ته مولانا صاحب هڪ سنجيده انسان آهي، هو اوهان کي ڪو به نقصان نه پهچائيندو. هڪ ٻئي واهپيدار لکيو ته مطلب سيڪيورٽي وارن جي به ليڪ وڊيو موجود آهي؟