لاهور هاءِ ڪورٽ پنڊي بئنچ جو شاهه محمود قريشي کي فوري طور آزاد ڪرڻ جو حڪم
راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ راولپنڊي بئنچ پي ٽي آءِ جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي کي فوري طور آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. لاهور هاءِ ڪورٽ راولپنڊي بئنچ ۾ ڪيس جي ٻڌڻي جي سلسلي ۾ شاهه محمود قريشي طرفان وڪيل تيمور ملڪ ۽ گوهر بانو قريشي پيش ٿيا، جڏهن ته سرڪار طرفان اسسٽنٽ ايڊووڪيٽ جنرل عابد عزيز پيش ٿيو. عدالت شاهه محمود قريشي کي فوري طور آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته کيس ڪنهن ٻئي ايم پي او آرڊر تحت گرفتار نه ڪيو وڃي. عدالت ڊي سي راولپنڊي جا ٿري ايم پي او آرڊر ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيا ۽ شاهه محمود قريشي کي ڪنهن به قسم جا شورٽي بانڊ جمع ڪرائڻ جي هدايت نه ڪئي. واضح رهي ته شاهه محمود قريشي کي 9 مئي کانپوءِ ٿري ايم پي او تحت گرفتار ڪيو ويو هو ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي سندس آزادي عمل ۾ آئي هئي پر اڊيالا جيل مان آزادي کانپوءِ کيس ٻيهر پوليس گرفتار ڪري ورتو.