فواد چوڌري ڏيڍ ڪلاڪ بيهي انتظار ڪيو، آصف زرداري جو ملاقات کان انڪار
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) فواد چوڌري جيل مان آزادي کانپوءِ آصف علي زرداري ۽ نواز شريف سان رابطن ۽ ملاقاتن جون ڪوششون ڪيون پر ٻنهي اڳواڻن کيس گاهه به نه وڌو. اهڙي دعويٰ صحافي مبشر لقمان ڪئي آهي. صحافي جي دعويٰ آهي ته فواد چوڌري آصف علي زرداري سان ملاقات لاءِ لاهور ۾ بلاول هائوس ويو هو. ان موقعي تي فواد چوڌري ڏيڍ ڪلاڪ تائين در تي بيهي انتظار ڪيو ته هو آصف زرداري سان ملاقات ڪري پر کيس ڪا به لفٽ نه ڪرائي وئي ۽ هو مايوس ٿي موٽي ويو. ان کانپوءِ فواد چوڌري پاران نواز شريف سان به لنڊن ۾ رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي جئين هو پنهنجي جاءِ ٺاهي سگهي پر ان ۾ به کيس ناڪامي ملي. فواد چوڌري ڪيترائي چپ انهيءَ ڪري رهيو هو جو هو پنهنجي سياسي ڪيريئر جي حوالي سان فيصلو ڪرڻ چاهي پيو ۽ ڀڄ ڊڪ ڪري رابطا ڪري رهيو پر کيس ڪنهن لفٽ نه ڪرائي. اهو ئي سبب هو جو فواد چوڌري بعد ۾ شاهه محمود قريشي سان ڳالهايو ۽ پوءِ بيان ڏنائين ته آصف زرداري ۽ نواز شريف جي سهاري عوام کي نٿو ڇڏي سگهجي. فواد چوڌري پنهنجي بيان ۾ چيو هو ته اسان فيصلو ڪيو آهي ته اپوزيشن ڪنداسين، هن پريس ڪانفرنس ۾ چيو ته پي ڊي ايم جي حڪومت معاشي حالتن جي ذميوار آهي ۽ کين کيڏڻ جو موقعو نٿا ڏئي سگهون. اهڙو بيان هن ٻنهي اڳواڻن وٽان لفٽ نه ڪرائڻ بعد ڏنو ويو.