My WordPress Blog

ايندڙ مالي سال لاءِ دفاعي بجيٽ 1800 ارب رپيا رکڻ جي تجويز

0

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ دفاع لاءِ 1800 ارب رپيا رکڻ جي تجويز آهي.  ذريعن موجب نيشنل اڪنامڪ ڪائونسل ايندڙ مالي سال جي بجيٽ لاءِ هدف تيار ڪري ورتا، جنهن تي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار وزيراعظم شهباز شريف کي بريفنگ ڏني.  ذريعن جو چوڻ آهي ته ايندڙ مالي سال جي بجيٽ جي ڊي پي جي 7.7 سيڪڙو مالياتي خساري تان تيار ڪئي وئي آهي، وفاق ۽ صوبن کي ملائي 7.1 سيڪڙو مالياتي خساري جي بجيٽ تيار ڪئي وئي آهي.  ذريعن موجب بجيٽ ۾ 6 هزار ارب رپين کان وڌيڪ جو مالياتي خسارو هوندو، جڏهن ته قرض ۽ وياج جي ادائيگين تي 7300 ارب رپيا خرچ ڪيا ويندا.  ذريعن جو چوڻ آهي ته ايندڙ بجيٽ ۾ دفاع لاءِ 1800 ارب رپيا رکڻ جي تجويز ۽ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام لاءِ 430 ارب رپيا رکڻ جي تجويز آهي.  ذريعن موجب ايف بي آر لاءِ 9200 اربن جو ٽارگيٽ رکيو ويو آهي، نان ٽيڪس آمدني جي مد ۾ 2800 ارب رپين جو ٽارگيٽ رکيو ويو آهي.  

Leave A Reply

Your email address will not be published.