آرمي چيف جي مقرريءَ خلاف پٽيشن تيار هئي،بابر اعواڻ ڀاڙي ٿي ڀڄي ويو
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان اصل ۾ پنهنجي ويجهي ساٿي وڪيل بابر اعواڻ کي هدايت ڪئي هئي ته جنرل عاصم منير جي آرمي چيف طور مقرريءَ کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو وڃي. پٽيشن ۾ جنرل عاصم منير کي ملازمت مدي ۾ واڌ ڏيڻ کي بنياد بڻايو وڃي ته 27 نومبر 2022ع تي رٽائر ٿيڻ واري جنرل کي ملازمت مدي ۾ واڌ ڏئي ٻن ڏينهن بعد 29 نومبر 2022ع تي آرمي چيف مقرر ڪرڻ سينيئر جنرلن جي حق تلفي آهي. قانوني حلقن ۾ اهو چئوٻول آهي ته عمران خان کي سئو سيڪڙو پڪ هئي ته پٽيشن داخل ٿيڻ شرط چيف جسٽس هم خيال ججن جي بئنچ جوڙي مقرريءَ تي عمل درآمد روڪي ڇڏيندو، ان ڏس ۾ اعتزاز احسن ، لطيف کوسا ۽ اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار کان به قانوني صلاح مشورا ورتا ويا هئا. قانوني رخن جو جائزو وٺڻ بعد پٽيشن تيار ڪئي پئي وئي ته 9 مئي جا واقعا پيش اچي ويا. ذريعن جو چوڻ آهي ته پٽيشن بابت به ڳجهن ادارن کي ڀڻڪ پئجي وئي هئي. جنهن سبب بابر اعواڻ ڀاڙي ٿي پيو ۽ ٻي واهه نه ڏسي 9 مئي جي واقعن کانپوءِ بنا وقت ضايع ڪرڻ جي پرڏيهه فرار ٿيڻ ۾ ئي عافيت سمجهيائين. ياد رهي ته عمران خان اپريل 2022ع ۾ به اهڙي حرڪت ان رات ڪئي هئي جڏهن سندس خلاف بي اعتمادي رٿ ڪامياب ٿي هئي ۽ ان وقت جي آرمي چيف جنرل قمبر جاويد باجوه کي هٽائڻ جي سمري تيار ڪئي هئائين، عدالتون رات 12 وڳي کلي ويون هيون ۽عمران خان جي اها سازش ناڪام ٿي وئي هئي تازو به آرمي چيف خلاف پٽيشن داخل ڪرڻ جي سازش اڳ ئي ناڪام ٿي وئي. عمران خان کي سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس تي مڪمل اعتماد هو ته پٽيشن داخل ٿيڻ شرط آرمي چيف جي مقرري تي اسٽي آرڊر جاري ڪري ڇڏيندو. پر 9 مئي جي واقعن پوري منصوبي تي پاڻي ڦيري ڇڏيو.