ڪي سي آر منصوبو هڪ ڀيرو ٻيهر چين حوالي، منظوري لاءِ ڪوششون
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي سرڪلر ريلوي جي منصوبي تي ڪم ڪرڻ لاءِ سنڌ حڪومت هڪ ڀيرو ٻيهر چين سان رابطو ڪري ورتو ۽ منصوبي جي منظوري لاءِ ڪوششون شروع ڪري ڇڏيون آهن. سنڌ حڪومت جي ترجمان موجب وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ڪراچي سرڪلر ريلوي بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ منصوبي جو جائزو ورتو ويو. مراد علي شاهه چيو ته ڪي سي آر منصوبو ٻيهر چائنيز اختيارين کي موڪليو ويو آهي، اميد ته منظور ٿي ويندو، اهو منصوبو شهر جا ٽريفڪ مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ضروري آهي، سنڌ حڪومت ڪي سي آر منصوبي کي جلد شروع ڪرڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي. وڏي وزير چيف سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته منصوبي جو دستاويزي ڪم مڪمل ڪيو وڃي، گڏوگڏ سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو کي به هدايت ڪئي ته ڪي سي آر منصوبي جي ايراضي جو مسئلو جلد حل ڪري هڪ هفتي اندر رپورٽ پيش ڪئي وڃي. مراد علي شاهه چيو ته چين سان سنڌ ۽ وفاقي حڪومت جو ڪي سي آر تي جوائنٽ ورڪنگ گروپ بڻجي ويندو ۽ منصوبو جلد منظور ڪرائي ڪم شروع ڪرائينداسين.