چيف جسٽس بنديال ۽ جسٽس عيسيٰ تقريب ۾ آمهون سامهون ٿي ويا، پوءِ ڇا ٿيو؟ وڊيو ڏسو
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي شرعي عدالت جي نئين چيف جسٽس اقبال حميد الرحمان جي خميس پهرين جون جي صبح ٿيندڙ حلف برداري تقريب ۾ سپريم ڪورٽ جي ٻن سينيئر ترين ججن جي هڪ وڊيو ڪلپ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي. چيف جسٽس آف پاڪستان عمر عطا بنديال ۽ سيپٽمبر 2023 ۾ ان جي استعيفيٰ کانپوءِ ايندڙ چيف جسٽس بڻجندڙ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ آمهون سامهون ٿيڻ باوجود هڪٻئي سان نه ڳالهايو. وڊيو ڪلپ ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ڀرسان ايندڙ چيف جسٽس اتي موجود ماڻهن سان هٿ ملائي ٿو ۽ جيئن ئي پنهنجو رُخ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سان ڳالهائيندڙ ڏانهن ڪري ٿو ته جسٽس عيسيٰ پنهنجو رُخ موڙي ٿو ڇڏي. ميڊيا رپورٽن موجب اقبال حميد الرحمان جي حلف برداري تقريب ۾ شريڪ ٻنهي ججن جي پاڻ ۾ ڳالهه ٻولهه نه ٿي، نه ئي وري اهي سڌي ريت آمهون سامهون ٿيا.