My WordPress Blog

شاهه محمود قريشي جو جيل مان اهم پيغام

0

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي هڪ ڀيرو ٻيهر چيو آهي ته پي ٽي آءِ سان گڏ هيس، آهيان ۽ رهندس.  شاهه محمود قريشي سان اڊيالا جيل ۾ سندس ڌيءُ گوهر بانو قريشي ۽ وڪيل بئريسٽر تيمور ملڪ ملاقات ڪئي، وڪيل جي شاهه محمود قريشي سان قانوني معاملن تي اهم مشاورت ٿي.  تيمور ملڪ چيو ته شاهه محمود قريشي جي غير قانوني نظربندي جي حوالي سان سڀاڻي لاهور هاءِ ڪورٽ پنڊي بئنچ ۾ اهم ٻڌڻي ٿيندي.  ملاقات ۾ شاهه محمود قريشي، عمران خان ۽ پارٽي ڪارڪنن کي پيغام ڏيندي چيو ته مان عمران خان سان گڏ هيس، آهيان ۽ رهندس.  

Leave A Reply

Your email address will not be published.