My WordPress Blog

خواجا آصف عمران خان کي مودي کان به وڌيڪ خطرناڪ قرار ڏئي ڇڏيو

0

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان کي ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي کان به وڌيڪ خطرناڪ قرار ڏئي ڇڏيو.  نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي خواجا آصف تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان کي پاڪستان جو اندروني دشمن قرار ڏيندي چيو ته ماڻهو هاڻ به کيس نٿا سڃاڻين.  واضح رهي ته عمران خان ڪجهه ڏينهن اڳ حڪومت سان ڳالهين لاءِ ڪميٽي جو اعلان ڪيو هو، جنهن تي خواجا آصف ٺٺول ڪندي چيو هو ته جيڪڏهن ڪميٽي ۾ شامل ماڻهو ايندڙ ڏينهن ۾ پي ٽي آءِ ڇڏيندا ته متبادل نالن جو به اعلان ڪري ڇڏيو.  

Leave A Reply

Your email address will not be published.