My WordPress Blog

جهانگير ترين پنهنجي سياسي جماعت جي رجسٽريشن لاءِ هدايتون جاري ڪري ڇڏيون

0

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سينيئر سياستدان جهانگير ترين طرفان پنهنجي نئين سياسي جماعت ٺاهڻ لاءِ مشاورتي عمل جاري آهي.  جهانگير ترين اسلام آباد ۾ پنهنجي ليگل ٽيم سان به مشاورت ڪئي آهي ۽ هن اليڪشن ڪميشن ۾ پارٽي جي رجسٽريشن بابت ليگل ٽيم کي هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن.  جهانگير ترين پنهنجي نااهلي بابت امڪاني پٽيشن تي به ليگل ٽيم سان مشاورت ڪئي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته جهانگير ترين اڄ اسلام آباد کان لاهور پهچندو ۽ اهم ترين شخصيتن سان ملاقاتون ڪندو.  واضح رهي ته جهانگير ترين ٻن ڏينهن دوران ڪيترن ئي سياسي اڳواڻن سان ملاقاتون ڪري چڪو آهي.  

Leave A Reply

Your email address will not be published.