تحريڪ انصاف جو صدر چوڌري پرويز الاهي لاهور مان گرفتار
لاهور (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي صدر چوڌري پرويز الاهي کي گرفتار ڪيو ويو. چوڌري پرويز الاهي کي لاهور ۾ سندس گهر ڀرسان گرفتار ڪيو ويو، پرويز الاهي کي اينٽي ڪرپشن پوليس گرفتار ڪيو. ذريعن موجب چوڌري پرويز الاهي پنهنجي گاڏي ۾ وڃي رهيو هو ته پوليس گاڏي روڪي کيس گرفتار ڪيو، اينٽي ڪرپشن عملدار پرويز الاهي کي ٻي گاڏي ۾ ويهاري گڏ وٺي ويا. چوڌري پرويز الاهي جي ترجمان به پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير جي گرفتاري جي تصديق ڪئي آهي. هوڏانهن جي اطلاعات واري نگران وزير عامر مير به گرفتاري جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته پرويز الاهي پوليس کي گهربل هو ۽ کيس فرار ٿيڻ جي ڪوشش ۾ گرفتار ڪيو ويو. هن چيو ته چوڌري پرويز الاهي جي گرفتاري دوران مزاحمت به ڪئي وئي ۽ جنهن گاڏي ۾ هو موجود هو، اها بلٽ پروف هئي، در کولڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته در نه کليو، جنهن کانپوءِ گاڏي جا شيشا ڀڃڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ پوءِ جڏهن گاڏي جو در کليو ته چوڌري پرويز الاهي هٿ آيو. واضح رهي ته پرويز الاهي ڪرپشن جي ڪيس ۾ عدالت ۾ عبوري ضمانت جي درخواست داخل ڪئي هئي پر گوجرانوالا جي اينٽي ڪرپشن عدالت چوڌري پرويز الاهي جي درخواست رد ڪري ڇڏي هئي، ڇو ته ضمانت لاءِ جوابدار جو عدالت ۾ پيش ٿيڻ ضروري هوندو آهي. پوليس طرفان ان کان اڳ به چوڌري پرويز الاهي جي گرفتاري لاءِ ڪيترائي ڇاپا هنيا ويا هئا پر ان جي گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي هئي.`