بلوچستان: دهشتگردن جو چوڪي تي حملو، ٻه اهلڪار شهيد
راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي ضلعي ڪيچ جي علائقي سنگوان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي چوڪي تي حملي ۾ ٻه اهلڪار شهيد ٿي ويا. آءِ ايس پي آر موجب بلوچستان ۾ دهشتگردن پاڪ – ايران سرحد تي سيڪيورٽي فورسز جي چوڪي کي نشانو بڻايو، جنهن دوران دهشتگردن ۽ سيڪيورٽي فورسز وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي. آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته فوجي جوانن دهشتگردن کي بهادري سان جواب ڏنو، جڏهن ته مقابلي ۾ وڙهندي ٻه سپاهي شهيد ٿي ويا.